ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني پليئنگ اليون فائنل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم امڪاني پليئنگ اليون سامهون اچي وئي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 12 آڪٽوبر( سڀاڻي) کان شروع ٿيندي.
ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ پهرين ٽيسٽ جي پليئنگ اليون بابت مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.
پهرين ٽيسٽ ۾ ٻن ريگيولر فاسٽ بالرن ۽ ٻن اسپنرن سان ميدان ۾ لهڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عارضي هيڊ ڪوچ اظهر محمود، اسپنر آصف آفريدي جي بالنگ مان متاثر آهي ۽ سندس ڊيبيو جي حق ۾ آهي، وائرل فيور سبب اسپنر ساجد خان جي جاءِ تي کيس پهرين ٽيسٽ ۾ موقعو ڏئي سگهجي ٿو.
پهرين ٽيسٽ ۾ امام الحق ۽ عبدالله شفيق اوپننگ، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا خلاف لاهور ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي پليئنگ اليون امام الحق، عبدلله شفيق، شان مسعود ( ڪپتان) بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان( وڪيٽ ڪيپر) سلمان علي آغا، شاهين آفريدي، حسن علي، نعمان علي ۽ آصف آفريدي تي ٻڌل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.