غزا ۾ قتلام: انڊونيشيا جو اسرائيلي رانديگرن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار

جڪارتا(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا غزا ۾ جاري قتلام تي احتجاجن اسرائيلي جمناسٽس کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، غزا ۾ ٿيندڙ اسرائيلي حملن خلاف احتجاج طور انڊونيشيا اسرائيلي جمناسٽس (اٿليٽس) کي جمناسٽڪ چيمپيئن شپ لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
انڊونيشيا جمناسٽڪ فيڊريشن جي چيف ايٽا جوليئاتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيلي جمناسٽس جي ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.
ان ڏس ۾ اسرائيل جمناسٽڪس فيڊريشن طرفان فوري طور ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.
ياد رهي ته اسرائيلي ٽيم کي 19 کان 25 آڪٽوبر تائين انڊونيشيا ۾ رٿيل ورلڊ آرٽسٽڪ جمناسٽڪ چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.