ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊيري فارمرن 11 آڪٽوبر کان کير 300 رپيا في ليٽر تي وڪڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. آل ڪراچي ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته کير جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ زيادتي آهي. اڳواڻ نثار احمد چيو ته ٻوڏ جي ڪري جانورن جي کاڌ خوراڪ جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ کير 240 کان 270 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۾ کير 220 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته 11 آڪٽوبر کان کير 300 رپيا في ليٽر تي وڪرو ڪيو ويندو.