عورتن کي ڪارنهن الزام ڏئي غيرقانوني جرڳا ڪندڙ 4 ڀوتار گرفتار

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير/ علي وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪارو ڪاري جرڳا ڪاروبار بڻجي ويا، ايس ايس پي گهوٽڪي سخت نوٽيس ورتو، 9 وڏيرن ۽ زالون ڪاريون ڪندڙ 5 جوابدارن سميت 17 جرڳائي  وڏيرن خلاف ڪيس داخل، 4 گرفتار، جيل حوالي،  ان سلسلي ۾ تفصيلن موجب ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ڪارو ڪاري جرڳن جو نوٽيس ورتو، 9 جرڳائي وڏيرن ۽ 5 زالون ڪاريون ڪندڙ جوابدارن سميت 17 ڄڻن خلاف يارو لنڊ ٿاڻي تي سرڪار پاران ڪيس داخل ڪيو ويو، سرڪار جي فرياد تي يارو لنڊ ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کروهي واري علائقي ۾ جرڳائي وڏيرن 5 عورتن جن ۾ مسمات فريده شر، ناديه شر، عاصمه شر، عائشه شر ۽ سخيجا شر کي ڪارو ڪاري قرار ڏيڻ جا يوسي چيئرمين روشن شر جي اوطاق تي غيرقانوني جرڳا ڪيا، الزام هيٺ آيل ڌرين کي زبردستي هٿيارن جي زور تي گهرائي هڪ هڪ ڌر مٿان 20/25 لک ڪارنهن چٽي وڌي وئي ڪيس ۾ روشن شر، زبرو شر، احمد خان شر، ميرحسن شر، علي حسن شر، عبدالله شر، سهتو شر ۽ نواب شر کي جرڳائي ڀوتارن طور جوابدار نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته احمد شر، غلام مصطفيٰ شر، سچل شر، جمال شر، الهوڌايو شر کي پڻ ڪيس ۾ جرڳائي طور جوابدار نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته زالون ڪاريون ڪندڙ جوابدارن زاهد شر، واجد شر، ارشاد شر، ۽ غلام نبي شر کي پڻ ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس 4 جرڳائي ڀوتارن ميرحسن شر، علي حسن شر، زبرو شر ۽ عبدالله شر کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

کروهي واسي عورت جو احتجاج، جرڳي بعد ڌيءَ کي گم ڪرڻ جو الزام

ميرپورماٿيلو : کروهي واسي مسمات پياري شر جو وارثن سميت ايس ايس پي آفيس آڏو ۽ پريس ڪلب ۾ احتجاج، ڌيءَ کي  ڪارنهن الزام هيٺ جرڳي بعد گم ڪرڻ جو الزام، گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪارنهن جي ڪڌي رسم تحت هڪ نوجوان ناري کي مبينا جرڳي بعد کروهي کان ڪچي پرڻايو ويو، ناري فرزانه ولد فتح محمد شر جي امڙ مسمات پياري شر ڌڻي بخش شر ۽ ٻين وارثن هفتو اڳ پريس ڪلب ميرپورماٿيلو ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاج ڪندي چيو ته سندن نياڻي فرزانه شر ڪارنهن الزام هيٺ جرڳي بعد رائونتي ڪچي پرڻايو ويو جتي خبر پئي ته سندن نياڻي کي قتل ڪيو آهي فرزانه شر جي امڙ پياري شر ۽ ٻين وارثن موجب سندن نياڻي جو لاش به نٿو ڏنو وڃي مسمات فرزانه شر جي وارثن جي احتجاج بعد ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جي حڪم تي ناري فرزانه جي قتل جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هڪ جوابدار  عبدالرشيد شر گرفتار ٿيل آهي هن وقت تائين ناري فرزانه شر جو لاش ناهي ملي سگهيو.

زبردستي جرڳا ڪري ڌرين کان لکين رپيا اوڳاڙيا ويا

ميرپورماٿيلو : ڪارو ڪاري جرڳا ڪيس جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 4/5 عورتن کي ڪارو ڪري هٿيارن جي زور تي زبردستي جرڳا ڪري  الزام هيٺ آيل ڌرين کان 20کان 25 لک هڪ ڌر کان اوڳاڙيا ويا آهن، جاچ آفيسر عبدالرشيد  گڏاڻي موجب وومين سيل انچارج ميڊم صبا جي انفارميشن تي ڪيس داخل ڪيو  ويو، 4 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن زالون ڪاريون ڪندڙ مڙسن کي به ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي متاثر عورتن کان به بيان وٺنداسون وڌيڪ جاچ جاري آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

جرڳو ڪندڙن جي گرفتاري بهترين عمل آهي: عائشا ڌاريجو

ميرپور ماٿيلو(پ ر) سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن عائشا ڌاريجو چيو آجي ته کروهي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ اٺن  ڏهن عورتن جا جرڳا ڪندڙ ءِ کين ٽڪن عيوض فروخت ڪرڻ جي الزام ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جيڪا ايف آئي آر ڪرائي آهي ءِ ءِ جوابدار وڏيرا گرفتار ڪيا آهن اهو هڪ بهترين عمل آهي ان سان قانون تي عمل درآمد ٿيندو ءِ اڳتي  اهڙن جرڳن تي ڪنهن قدر پابندي پوندي بهترين اها ڳاله ٿئي آهي ته ڪارنهن جو الزام ڏيندڙ مڙسن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي عورتن کي وڪرو ڪندا هئا ،جيڪڏهن سنڌ جي هر ضلعي ۾ ائين ٿئي ءِ اهڙا قدم پوليس کڻي ته ان سان وڏيرا جيڪي ڪارنهن جا فيصلا ڪن ٿا انهن جا حوصلا پست ٿيندا اهو هڪ بهترين قدم آهي انهن سان ڏوهدارن کي سزا ملندي ءِ جرڳا ڪندڙن کي سبق به ملندو .

وڏيرو شهريار شر آهي، اسان جرڳن خلاف آهيون، ڦاسايو  ويو آهي:گرفتار وڏيرا

ميرپورماٿيلو : ڪارو ڪاري جرڳا ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيلن ميڊيا کي ٻڌايو ته وڏيرو شھريار خان شر آهي اسين زميندار، مالوند ڪاروباري ۽ ڪامريڊ ماڻهو ۽ جرڳن خلاف آهيون، اسان کي سياسي بنيادن تي ڦاسايو ويو آهي گرفتار ٿيل زبرو  شر ميرحسن شر ۽ ٻين چيو ته اسان کي ايس ايس پي آفيس ۾ گهرائي گرفتار ڪيو ويو آهي اسان ڪو به جرڳو ناهي ڪيو اسان کي ڪا خبر ناهي اسان جي مٿان ڪارو ڪاري جرڳا ثابت ٿين ته اسان کي  سزا ڏني وڃي، سياسي بنيادن تي اسان کي ناحق ڦاسايو ويو آهي، گرفتار ٿيلن چيو ته اسان ٻڌو آهي ته عورتون ڪاريون ٿيون آهن جرڳن بابت اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي پوليس کي عورتن جي مڙسن ۽ جرڳا ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي پر اسان زميندار ڪاروباري ڪامريڊ ماڻهو آهيون اسان کي ناحق ڦاسايو ويو آهي.

ڪاروڪاري ڪڌي رسم آهي، اُن کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي: ايس ايس پي گهوٽڪي

ميرپورماٿيلو : ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته کروهي واري علائقي ۾ ڪارو ڪاري رسم کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي 10 کان 12 عورتن کي ڪارنهن  جي ڪڌي رسم تحت ڪاري قرار ڏنو ويو آهي  ايس ايس پي گهوٽڪي وڌيڪ چيو ته جنهن عورت تي جوابدارن کي شڪ پئي ٿو ان کي ڪاري ڪري جرڳا ڪن ٿا ۽ ڪچي ۾ سزا طور وڪرو ڪن ٿا هن  وقت 5 عورتن کي ڪاري قرار ڏئي جرڳا ڪري الزام هيٺ آيل ڌرين کان زبردستي چٽي اوڳاڙي ڪئي وئي آهي عورتون ويچاريون خوف سبب سامهون نٿيون اچن ان ڪري اسان ٽوٽل 17 جوابدارن کي سرڪار پاران ڪيس داخل ڪيو آهي 4 جوابدار گرفتار ڪيا آهن جلد وڌيڪ جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.