ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جو نوجوان فاسٽ بالر ڪوينا مافاڪا پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.
ڪرڪٽ ڏکڻ آفريڪا موجب، مافاڪا هيمسٽرنگ انجري سبب پاڪستان خلاف وائيٽ بال سيريز ۽ ناميبيا خلاف واحد ٽي ٽوئنٽي مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
مافاڪا کي اها انجري گذريل هفتي 4 ڏينهن واري هوم ميچ دوران ٿي هئي، جتي کيس پهرين اننگز ۾ 5.5 اوور ڪرائڻ کانپوءِ هيمسٽرنگ ۾ تڪليف سبب ميدان ڇڏڻو پيو.
شروعاتي اسڪين ۾ ڪو وڏو مسئلو ظاهر نه ٿيو هو، پر پوءِ وڌيڪ طبي معائني ۾ انڪشاف ٿيو ته مافاڪا کي گريڊ 1 کان 2 درجي تائين هيمسٽرنگ انجري آهي.
ڪرڪٽ ڏکڻ آفريڪا موجب، مافاڪا ايندڙ 4 هفتا ريهيبليٽيشن جي مرحلي مان گذرندو.
آٽنيل بارٽمين کي مافاڪا جي جاءِ تي 11 آڪٽوبر تي ناميبيا خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۽ پاڪستان خلاف ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڪرڪٽ ڏکڻ آفريڪا جو چوڻ آهي ته لزاڊ وليمز جيڪو اڳ ۾ ئي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو هو، کيس هاڻي پاڪستان خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا جو پاڪستان جو دورو 12 آڪٽوبر کان ٻن ٽيسٽ ميچن سان شروع ٿيندو، جنهن کان پوءِ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون 28 آڪٽوبر کان کيڏيون وينديون، جڏهن ته 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 8 نومبر تائين جاري رهندي.
You might also like