ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مريم نواز کي سيٽ ڇڏي چونڊ وڙهڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مريم نواز ۽ مان ٻئي پنهنجون سيٽون ڇڏيون ٿا ۽ ٻيهر چونڊ ٿا وڙهون، خبر پئجي ويندي ته ڪنهن ڪم ڪيو آهي ۽ ڪير ٽڪ ٽاڪ تي مشهور آهي، خبر پئجي ويندي ته عارضي شهرت مريم نواز سان گڏ آهي يا عوام سان.
هن چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ سبب بريون حالتون آهن، ماڻهو گهڻا پريشان آهن، ٻوڏ متاثرن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ن ليگ پنجاب ڪارڊ کيڏي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ وفاقي حڪومت سان ڳالهايو هو پنجاب حڪومت سان نه، مريم نواز چئي ٿي ته ڪو عزت وارو ماڻهو امداد جي ڳالهه نه ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف ته عالمي سطح تي امداد جي ڳالهه ڪئي، ڇا مريم نواز پنهنجي پارٽي جي وزيراعظم کي خوددار نٿي سمجهي.
You might also like