راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ڀارتي قيادت جي چڙ ڏياريندڙ بيانن جي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته پاڪ فوج هر خطري جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو تڪڙو ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.
جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪي سلامتي، دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۽ علائقائي صورتحال سميت فوج جي آپريشنل تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ڀارتي سول ۽ عسڪري قيادت جي تازن غير ذميواراڻن ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته ڀارتي جنگي جنون ۽ غير ضروري شر پسندي سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا پيش اچي سگهن ٿا.
شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو تڪڙو، فيصلائتو جواب ڏنو ويندو ۽ ڪنهن فرضي نئين نارمل کي پاڪستان هڪ نئين ۽ اثرائتي جوابي نارمل سان ٽوڙيندو.
فورم ڀارتي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪس جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو.
You might also like