لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير بابت داخل درخواستن تي محفوظ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ٿينديون، ۽ اليڪشن ڪميشن 2022ع جي قانون تحت پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائيندو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ سڀاڻي کان تڪبندين وارو عمل شروع ڪيو ويندو.
پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا، ميمبر نثار دراني، شاهه محمد جتوئي ۽ بابر حسن ڀروانا ڪيو ويو.
اڄوڪي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين اي سي پي ميمبرن کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي مڪاني قانونن ۾ 5 ڀيرا ترميمون ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي ڇهون ڀيرو ترميم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2022 تحت چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون.
ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته پنجاب جي مڪاني چونڊن ۾ دير وارو ڪيس شرمندگي جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڇو ته پنجاب کانسواءِ ٻين ٽنهي صوبن ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊن جون چونڊون ٿي چڪيون آهن، تنهنڪري اڄ ئي ان ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت اسلامي جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي طلب ڪيو هو.
You might also like