لنڊن (ويب يسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪِيئر اسٽارمر چيو آهي ته برطانيا ڀارت لاءِ ويزا جي قاعدن ۽ قانونن ۾ ڪا به نرمي نه ڪندو.
واضح رهي ته برطانوي وزيراعظم جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن هو برطانيا ۽ ڀارت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ واپاري معاهدي بابت وڌيڪ ڳالهين لاءِ ڀارت وڃي رهيو آهي.
وزيراعظم 100 کان وڌيڪ ڪاروباري شخصيتن، ثقافتي اڳواڻن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز تي ٻڌل هڪ وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، دوري جو مقصد برطانوي سيڙپڪاري ۾ واڌارو ۽ سست رفتاري جو شڪار معيشت کي بهتر بڻائڻ آهي.
هڪ بيان ۾ ڪِيئر اسٽارمر چيو ته برطانيا ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپار ۽ ثقافتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جا ”تمام وڏا موقعا“ موجود آهن.
بهرحال هن واضح ڪيو ته هن وقت سندس آڏو ڀارتي ڪامورن يا شاگردن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ رستا کولڻ جو ڪو منصوبو موجود ناهي.
برطانيا ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپاري معاهدو ڪيئي سالن جي ڳالهين کان پوءِ جولاءِ ۾ طئي ٿيو هو.
ان معاهدي تحت برطانوي گاڏيون ڀارت ڏانهن برآمد ڪرڻ وارو عمل وڌيڪ سولو ۽ سستو ٿي ويندو، جڏهن ته ڀارتي ٽيڪسٽائل ۽ زيور برطانيا ڏانهن سستي اگهن تي برآمد ڪري سگهبا، جنهن ذريعي اربين پائونڊن جا واپاري فائدا حاصل ٿيندا.
معاهدي ۾ اهڙن ڀارتي ملازمن لاءِ ٽن سالن تائين سماجي تحفظ (سوشل سيڪيورٽي) جي فيس کان ڇوٽ پڻ شامل آهي، جيڪي مختصر مدي وارين ويزائن تي برطانيا ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
ان سموري صورتحال جي باوجود اِها ڳالهه زور ڏئي ۽ واضح انداز ڪئي وئي آهي ته اميگريشن پاليسي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ٿي رهي آهي.
You might also like