ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي شهرِ ۾ ڀتي خوري جا وڌندڙ واقعا انتهائي تشويشناڪ رخ اختيار ڪري ويا آهن، جنهن سبب ڪاروباري برادري ۾ خوف ۽ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي۔ حساس ادارن جي تيار ڪيل تازي رپورٽ موجب هلندڙ سال جي شروعات کان اڄ ڏينهن تائين ڪراچي ۾ ڀتي خوري جا 96 ڪيس مختلف ٿاڻن ۾ داخل ڪيا ويا آهن،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب، مختلف ڪاررواين دوران 33 ڀتي خور گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهنتہ چار ڀتي خور پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا۔ ان جي باوجود شهر ۾ ڀتي خوري جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌندا پيا وڃن۔ گينگ وار جا گروپ ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڀتي گهڻو ڪري لياري گينگ وار جي مختلف ٽڪرن طرفان وصول ڪئي پئي وڃي، جن ۾ وصي الله لاکڻ گروپ، احمد علي مگسي گروپ، اياز زهري گروپ، سڪندر عرف سڪو گروپ، اڳوڻو عذير گروپ ۽ بهادر پي ايم ٽي گروپ شامل آهن۔ ذريعن موجب، انهن گروپن جي طرفان وصول ڪيل رقم غير قانوني چئنلن ذريعي ٻاهرين ملڪ منتقل ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي واپاري برادري ڀتي خوري جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا فوري قدم کڻن، ٻي صورت ۾ ڪاروباري حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون۔ تاجرن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال تيزيءَ سان بگڙي رهي آهي، ۽ جيڪڏهن ڀتي خورن خلاف منظم آپريشن شروع نه ڪيو ويو ته سرمايو ۽ روزگار ٻئي خطري ۾ پئجي سگهن ٿا۔