حڪمران اتحاد بيان بازي ڪري اھم مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاھي ٿو:اياز لطيف پليجو

ٽنڊو جان محمد(پ ر) ٽنڊو جان محمد ۾ ڪرپشن، ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي، فصلن جا اگهھ ڪيرائڻ، ميرٽ جي لتاڙ، بدامني ۽ لاقانونيت خلاف قائمخاني اوطاق کان قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن پيادل مارچ ڪيو جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ڪرپشن جي ٻيڙي ۾ سوار آھن، ٻنھي ۾ نورا ڪشتي ھلي رھي آھي. حڪمران صوبن ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ڪري اھم مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاھين ٿا ڪا به اھڙي ترميم قبول نه ڪئي ويندي جيڪا سنڌ جي وحدت تي حملي آور ٿئي،هن چيو ته آمريڪا، چين ۽ سعودي عرب کان ملندڙ امداد عوام تائين پهچڻ گهرجي. ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ جبر سان نه پر برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون ڇو نٿيون ٻڌن؟. وفاقي حڪومت جي فارمنگ ۽ سنڌوءَ تي نون ڪينالن جي منصوبن کي رد ڪريون ٿا. پاڪستان تڏهن ترقي ڪندو جڏهن دهشتگردي، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جو خاتمو ٿيندو. سردارَن ۽ وڏيرن نياڻين جي تعليم ۽ روزگار جا در بند ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشيءَ تي مجبور آهن. هن چيو ته شاھ لطيف جا ھيروز مرد نه عورتون آهن، شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي شاھ لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو، شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سنڌ کي ڪرپشن، لاقانونيت ، بدامني، ڌاڙيل ڪلچر، منشيات، بي روزگاري، ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ تباھ ڪري ڇڏيو آهي. 18 سالن ۾ سنڌ سان خطرناڪ حشر ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌي ماڻهو خوشحال بدران اسان جا غلام ھجن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي ماڻھو سنڌ حڪومت ۽پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. هن چيو ته حڪومت ٻڌائي ته غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.