شڪيل دراني جي نيب ۾ مقرري جو نوٽيفڪيشن، سنڌ ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس کلندا؟

ڪراچي(حنيف دوامي) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ زباني جنگ ۾ اوچتو شدت پيدا ٿي ويئي آھي. ھي شدت ھڪ عجيب ۽ حيرت ڏيندڙ نوٽيفڪيشن جي جاري ٿيڻ جي صورت ۾ نمايان ٿي آھي. نوٽيفڪيشن پاڻ ۾ گھٽ ۽ “توپ جو گولو” وڌيڪ نمايان آهي ،اِن نوٽيفڪيشن سان سڌو سنئون پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سندن وزيرن تي ڌيان مرڪوز ڪيو ويو آھي نيب ۾ هڪ اهم مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي ،افواهه آهن ته شڪيل دراني کي ڊي جي نيب بڻايو پيو وڃي،اهو معاملو پيپلز پارٽي لاءِ سنجيده آهي،حالتن تي نظر رکندڙن جو خيال آهي ته شڪيل دراني جي امڪاني طور ڊي جي نيب بڻجڻ سان سنڌ ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسن جو ڪنهن به وقت کُلي وڃڻ جو خطرو وڌي ويندو. ٻئي پاسي، پيپلز پارٽي جي ويجھڙن حلقن جو موقف آھي ته اڳ ۾ ئي ڪيترائي ميگا ڪرپشن ڪيس ايف آءِ اي جي حوالي ڪيا ويا آهن۽ نيب جو هاڻي ايترو عمل دخل باقي ناهي رهيو،.پر اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ڪجهه ذريعن جو خيال آهي ته اهڙي تبديليءَ جو اثر ضرور پوندو ،اهوئي سبب آهي جو هن “تَرپ ڪارڊ” کي شھباز شريف جي حڪومت استعمال ڪندي پيپلز پارٽي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ان سبب ڪري صدر آصف علي زرداري دبئي کان سڌو اسلام آباد موٽيا ۽ هاڻي ڪراچي بلال هائوس تي پنهنجي سياسي صلاحڪارِن ۽ ويجھڙن ساٿين سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن..ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وٽ هاڻي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڪجهھُ به بچيو ناهي،ان جي حيثيت هڪ پر ڪٽيل پکي وانگر آهي، ٻئي پاسي تازي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن ٻاهرين ملڪ ڀڄڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 08 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.