اسلام آباد(آصف بشير چوڌري+اعزاز سيد)مريم نواز تازو ڪئنالن جو اشو اٿاريو آهي،اسلام آباد ۾ ويٺل گهڻن ماهرن جي اها راءِ آهي ته مريم نواز اسٽيبلشمينٽ جو ڪيس وڙهي رهي آهي،ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي،پي ٽي آءِ ان کي فرينڊلي فائر ڪوٺي ٿي پر اصل ۾ ائين ناهي،پ پ تي خراب حڪمراني ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪون وجهڻ جهڙا الزام لڳي رهيا آهن،ن ليگ کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪراچي ۾ مريم نواز جي هوٽل جا دروازا جڏهن ٽوڙيا ويا تڏهن بلاول ڀٽو زرداري ئي پريس ڪانفرنس ڪري پوري رياست تي فرد جرم مڙهي ڇڏي هئي، مريم نواز جي ڳالهين سان سنڌ ۾ ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي،قومي ليڊر جي سڃاڻپ اها ناهي،مريم نواز کي پنجاب جي ليڊر ٿيڻ بدران قومي اڳواڻ ٿيڻ گهرجي هن صورتحال ۾ پ پ چاهي ٿي ته حالتون واپس نه ٿيڻ واري رخ ۾ نه وڃن، هن صورتحال ۾ شيون صدر آصف علي زرداري ۽ نوازشريف جي سطح تي طئي نه ٿيون ته حاتون خرابي ڏانهن وڌي سگهن ٿيون، پ پ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به قانون سازي جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،ويجهي مستقبل ۾ حڪومت پاران 27هين آڻڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون ان لاءِ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، ان لاءِ حڪومت کي پ پ کي پرچائڻو پوندو،روٽين جي قانون سازي ۾ حڪومت کي پ پ جي حمايت گهربل هوندي، ٻئي پاسي اهو به چيو پيو وڃي ته موجوده هائبرڊ نظام اسٽيبلشمينٽ جو تيار ڪيل آهي ۽ ان ئي محسن نقوي جي صورت ۾ ”ٿرڊ ايمپائر“ مقرر ڪري رکيو آهي، هن وقت محسن نقوي ميدان تي اچي ويو آهي ٻئي پاسي صدر زرداري به اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙي جي موڊ ۾ ناهي،جڏهن ته پنجاب ۾ پ پ اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ انتهائي سنجيده نوعيت جو معاملو آهي،ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ تازو جهيڙو بي آءِ ايس پي بابت بيانن تان شروع ٿيو،بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن روبينا خالد جو تعلق پ پ سان آهي پر اداري ۾ جڙيل بورڊ هن وقت اڻ مڪمل آهي،ان ڪري روبينا خالد ڪو به فيصلو ڪرڻ کان لاچار آهي،سيڪريٽري ۽ چيئرپرسن وچ ۾ به اختلاف هلندڙ آهن، اهو ڪم وزيراعظم شهبازشريف کي ڪرڻو آهي،جڏهن ته روبينا خالد جي صوبن ۾ مقرر ڪيل آفيسرن واري معاملي تي به سوال اٿي رهيا آهن،بي آءِ ايس پي جي وظيفي ۾ مستحقن جي حصي مان ڪٽوتيون جاري آهن،مڊل مين پاران ٻه کان ٽي هزار رپين تائين ڪٽوتي جو عمل اڃا تائين حل طلب آهي،اهو به ياد رهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪامورن پاران وظيفو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو هو،ان دور ۾ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن رهندڙ ثانيه نشترپاران شروع ڪيل جاچ سان اربين رپين جو اسڪينڊل ظاهر ٿيو هو،ان اسڪينڊل ۾ ڪيترائي ڪامورا پڪڙيا ويا،نوٽيس موڪليا ويا، ٻئي پاسي ايمل ولي خان پاران سينيٽ ۾ آرمي چيف جي خلاف بيان ڏنو ويو جنهن بعد هن جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي،ڪالهه اسلام آباد ۾ افواهه هليو ته هن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.