لاهور (عوامي آواز نيوز)عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ گذريل ٽن سالن دوران 30 کان وڌيڪ وڏيون بين الاقوامي ڪمپنيون پاڪستان مان پنهنجو ڪاروبار بند ڪري چڪيون آهن، جن ۾ مائڪروسافٽ، شيل، اوبر، ياماها، ۽ ايلي لِلي جهڙيون ڪمپنيون شامل آهن۔تازو ئي آمريڪي ملٽي نيشنل ڪارپوريشن پروڪٽر اينڊ گيمبل (P&G) اعلان ڪيو آهي ته هو پاڪستان ۾ پيداوار ۽ تجارتي سرگرميون بند ڪندي، ۽ ’ٿرڊ پارٽي ڊسٽريبيوٽرز‘ تي ڀاڙيندي۔ان سلسلي ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ابوذر شاد چيو ته ”گذريل ٽن سالن ۾ 30 ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪ ڇڏيو، 11 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ اچي ويا آهن،سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿيو آهي.“