آمريڪي ڪمپني جو پاڪستان کي فضا کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

آمريڪا جي دفاعي ڪمپني ريٿيون پنهنجي معاهدي ۾ ترميم کانپوءِ پاڪستان کي جديد وچولي فاصلي جا فضا کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل (AMRAAM) وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، معاهدي ۾ ترميم تحت پاڪستان کي انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي اهي ميزائل خريد ڪندا.
30 سيپٽمبر تي آمريڪي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو ته ريٿيون کي اڳ کان ڏنل معاهدي ۾ 4 ڪروڙ 16 لک ڊالر جي ”فرم فڪسڊ پرائس“ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي، اها ترميم سي 8 ۽ ڊي 3 مادلز جي جديد اي ايم ريم ميزائلن جي پيداوار بابت آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته ڪم ايريزونا رياست جي شهر ٽڪسن ۾ ڪيو ويندو ۽ امڪاني طور مئي 2030 تائين مڪمل ٿي ويندو.
اهو معاهدو برطانيا، پولينڊ، پاڪستان، جرمني، فن لينڊ، آسٽريليا، رومانيا، قطر، عمان، ڏکڻ ڪوريا، يونان، سوئٽزرلينڊ، پرتگال، سنگاپور، نيدرلينڊز، چيڪ ريپبلڪ، جاپان، سلوواڪيا، ڊنمارڪ، ڪينيڊا، بيلجيئم، بحرين، سعودي عرب، اٽلي، ناروي، اسپين، ڪويت، سويڊن، لٿوانيا، بلغاريا، هنگري ۽ ترڪيه کي وڪري بابت آهي.
7 مئي جي معاهدي ۾ پاڪستان کي خريدار ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.