ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني سيڙپڪارن سنڌ حڪومت کي صوبي جي ترقياتي ڪمن ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪري ڇڏي.
صوبائي اطلاعات کاتي جي ايڪس اڪائونٽ تي ڪيل پوسٽ موجب صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان چيني سيڙپڪارن ملاقات ڪئي، چيني وفد سنڌ حڪومت سان گڏجي صوبي جي ترقياتي ڪمن ۾ ڀائيواري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار ڪيو.
چيني وفد ناصر شاهه کي آڇ ڪئي ته سڄي صوبي جي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا.
ناصر شاهه چيني وفد کي ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري جي وزيرن ۽ وڏي وزير جي هدايت تي صوبي جي ترقي جو عمل جاري آهي، ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا ويا.
هن چيو ته سنڌ جي عوام ۽ صوبي جي ترقي لاءِ هر سيڙپڪار جي آجيان ڪنداسين.
You might also like