اداڪارا آمنا ملڪ جو 3 حمل ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان آمنا ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجا هڪٻئي پويان ٽي حمل ضايع ٿيا، جنهن کانپوءِ ڌيءُ ڄائي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آمنا ملڪ چيو ته مان ٻن پٽن کي جنم ڏنو پر اهي مئل ڄاوا، وقت کان اڳ مئل ٻارن جي پيدائش ٿي، جڏهن ته هڪ حمل ضايع ٿيو.
هن چيو ته ٽي حمل ضايع ٿيڻ کان مون کي هڪ ڌيءُ هئي، جڏهن ته حمل ضايع ٿيڻ کانپوءِ به هڪ ڌيءُ ڄائي، جنهن کانپوءِ مان وڌيڪ ٻار ڄڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ٻي ڌيءُ جي پيدائش کانپوءِ ماڻهن چيو ته توکي پٽ به هجڻ گهرجي پر مان تڪليف مان گذري هيس، تنهن ڪري مان سڀني کي چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ ٻارن جي فرمائش ڪندئو ته چماٽ کائيندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.