ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٽائر ساڙڻ ۽ پائرو لائسز پلانٽن جي آپريشن تي پابندي لڳائي ڇڏي.
ماحوليات کاتي جي سيڪريٽري زبير چنا موجب ٽائر ساڙڻ ۽ ناقص پائرو لائسز پلانٽس سان هوا، مٽي ۽ پاڻي سخت متاثر ٿي رهيا آهن، ٽائر ساڙڻ سان ساهه، دل ۽ اعصابي مرض وڌي رهيا آهن.
هن چيو ته ان خطرناڪ عمل سان ڪراچي جو هوائي گدلاڻ خطرناڪ سطح تائين پهچي چڪو آهي، سنڌ ماحولياتي تحفظ ايجنسي جي نالي سان نون قاعدن جو مسودو تيار ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سب اسٽينڊرڊ فيولرز، ٽائر آئل، غير محفوظ ٻارڻ جو استعمال، تياري ۽ وڪرو منع هوندو، سمورن پلانٽن لاءِ لائسنسنگ، ماحولياتي ڪنٽرول سسٽم ۽ نيڪال جي حد جون گهرجون لازمي هونديون، ڀڃڪڙي تي پلانٽ ضبط ڪرڻ ۽ ڏنڊ جون تجويزون آهن.
You might also like