لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٽڪيٽن جو آن لائين وڪرو شروع ٿي ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ 12 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي آن لائين وڪري جو عمل اڄ شام پنجين وڳي کان شروع ٿي ويو آهي.
ٽيسٽ ميچن لاءِ جنرل، فرسٽ ڪلاس، پريميئم ۽ وي آءِ پي انڪلوزر ۾ داخلا مفت هوندي.
واضح رهي ته لاهور ۽ راولپنڊي ٽيسٽ جي فزيڪل ٽڪيٽون 8 آڪٽوبر کان نجي ڪوريئر ڪمپني جي مرڪزن تي دستياب هونديون.
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۽ ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جون ٽڪيٽون 16 آڪٽوبر کان خريد ڪري سگهبيون، هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي پنج ٽڪيٽون ملنديون، ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽڪيٽ 400 رپين ۾ ملندي.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جي پاڪستان دوري دوران ٻه ٽيسٽ، ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
پهرين ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين لاهور ۾جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 20 کان 24 آڪٽوبر تائين فيصل آباد ۾ کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي 28 آڪٽوبر تي راولپنڊي، ٻي ٽي ٽوئنٽي 31 آڪٽوبر تي لاهور ۽ ٽِين ٽي ٽوئنٽي پهرين نومبر تي لاهور ۾ئي شيڊيول آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽئي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ فيصل آباد ۾ 4، 6 ۽ 8 نومبر تي کيڏيون وينديون.
فيصل آباد ۾ رٿيل ميچن لاءِ جنرل انڪلوزر جي ٽڪيٽ جي قيمت 400 رپين کان شروع ٿيندي، جڏهن ته وي آءِ پي ٽڪيٽ 3 هزار رپين ۾ دستياب هوندي.
You might also like