چيف جسٽس کي جوتو هڻڻ تي ڪو افسوس ناهي: ڀارتي وڪيل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس بي آر گوئي کي جوتو هڻندڙ وڪيل چيو آهي ته مون کي ائين ڪرڻ تي ڪو افسوس ناهي.
ميڊيا رپورٽن موجب جسٽس گوئي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران، جنهن ۾ درخواستگذار وشنو جي هڪ مجروح بت کي تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، چيو هو ته وڃي پاڻ ديوتا کي چئو ته اهو ڪجهه ڪري، جنهن کانپوءِ عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.
سومر ڏينهن هڪ وڪيل اوچتو عدالت ۾ چيف جسٽس کي جوتو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، گرفتار ٿيڻ کانپوءِ وڪيل نعرو هنيو ته اسان سناتن ڌرم جي بي عزتي برداشت نه ڪنداسين، جڏهن ته چيف جسٽس واقعي باوجود ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.
وڪيل واقعي کانپوءِ چيو ته فريادي کي ڀلي رليف نه ڏيو پر ٽوڪون به نه ڪيو، مان جيڪو ڪيو اهو چيف جسٽس جي عمل جو ردعمل آهي، مون کي ان تي ڪا شرمندگي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.