بدمعاش نيتن ياهو کي رڳو ٽرمپ ئي لغام ڏئي سگهي ٿو: مشاهد حسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته اڪيلو ٽرمپ جي آئي جيڪو بدمعاش نيتن ياهو کي لغام وجهي سگهي ٿو، ڇو ته ٽرمپ ئي کيس فيس سيونگ ڏئي رهيو آهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مشاهد حسين سيد چيو ته غزا جنگ کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن، نيتن ياهو جنگ جي شروعات ۾ اعلان ڪيو هو ته هو حماس جو خاتمو ڪندو پر اڄ حالتون اهي آهي جو هو ان ئي حماس سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن جنگبندي ٿي وڃي ٿي ته نسل ڪشي ۽ قبضي جي پاليسي جو خاتمو ممڪن ٿيندو ۽ غزا جي بکايل فلسطينين کي امداد جي فراهمي شروع ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته اولهه ملڪن ۾ عوام جو وڏو انگ فلسطينين لاءِ نڪتو آهي ۽ هاڻ اولهه دنيا ۾ اسرائيل جي حمايت مخالفت ۾ تبديل ٿي رهي آهي.
مشاهد حسين سيد چيو ته نيتن ياهو تي يقين نٿو ڪري سگهجي، هو ماضي ۾ به ڪيترائي معاهدا ٽوڙي چڪو آهي، نيتن ياهو کي رڳو ٽرمپ کي قابو ۾ ڪري سگهي ٿو، ڇو ته ٽرمپ بنا نيتن ياهو ڪجهه ناهي ۽ اڄ به ٽرمپ ئي کيس فيس سيونگ ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.