ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد کير جو اگهه 300 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي ڌمڪي تي چيو آهي ته حڪومت ڊيري فارمز جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي، جيڪڏهن پاڻمرادو اگهه وڌايا ويا ته حڪومت ڪارروائي ڪندي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعديه جاويد چيو ته تقريبن سڄي ملڪ ۾ في ليٽر کير جي قيمت 200 رپين کان وڌيڪ آهي، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته اگهه برقرار رهن.
هن چيو ته اگهن بابت حتمي فيصلو ناهي ٿيو، ڪمشنر هائوس ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ طئي ٿيو آهي ته اڳ ۾ کير جو معيار چيڪ ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ اگهه مقرر ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪمشنر ڊيري فارمرز سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ مختلف کاتن جا ماڻهو شامل آهن ته جيئن مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي نڪري.
سعديه جاويد وڌيڪ چيو ته عوام اڳ ئي مهانگائي سبب پريشان آهي، کير وڌيڪ مهانگو ٿيو ته غريب عوام جي پهچ مان نڪري ويندو، عدالتن مان ڊيري فارمز جي حق ۾ فيصلي جو امڪان ناهي، تنهن ڪري معاملو ڳالهين سان حل ڪرڻ گهرجي.
You might also like