مشهور فلم ”ڊيئر ڪامريڊ“ جو هيرو روڊ حادثي جو شڪار

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي اداڪار وجئه ديواراڪونڊا جي ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ته اداڪار معجزاڻي طور بچي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، گذريل ڏينهن ڀارتي رياست تلنگانا جي ضلعي جوگولمبا گدوال ۾ اداڪار وجئه ديواراڪونڊا جي گاڏي کي حادثو پيش آيو.
پوليس موجب، اداڪار وجئه ديواراڪونڊا منجهند اٽڪل ٽِين وڳي پتاپرٿي کان حيدرآباد دکن وڃي رهيو هو جڏهن سندس اڳيان هلندڙ هڪ گاڏي اوچتو ساڄي پاسي مڙي، جنهن جي نتيجي ۾ ادڪار جي گاڏي ان سان ٽڪرائجي ويئي.
رپورٽن موجب، وجئه سان گڏ ٻه ماڻهو گاڏي ۾ سوار هئا، خوشقسمتي سان ڪو به زخمي نه ٿيو ۽ سڀ محفوظ رهيا، جڏهن ته گاڏي کي معمولي نقصان پهتو.
اداڪارا وجئه ديواراڪونڊا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي مداحن کي حادثي بابت اطلاع ڏيندي چيو ته هو خيريت سان آهي.
هن لکيو ته ” سڀ ٺيڪ آهي، گاڏي کي ٽڪر لڳو، پر اسان سڀ محفوظ آهيون، مٿي ۾ ٿورو سور آهي، خبرن تي ڌيان نه ڏيو ۽ پريشان نه ٿيو.“
واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا جي موجب، اداڪارا رشميڪا منداننا ۽ وجئه ديواراڪونڊا باضابطا طور تي مڱڻو ڪري ڇڏيو آهي.
جيئن ته جوڙي اڃا تائين مڱڻي جون تصويرون شيئر نه ڪيون آهن ۽ نه ئي باضابطا بيان جاري ڪيو آهي، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 آڪٽوبر تي مڱڻي جي سادي تقريب حيدرآباد ۾ وجئه جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ رڳو جوڙي جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي.
ڀارتي ميڊيا موجب، جوڙي جي شادي جي تقريب امڪاني طور ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.