سنڌ جي غريب ۽ حقدار فنڪارن جي مالي سهائتا لاءِ قائم مئنيجمينٽ بورڊ ۾ تبديلي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت غريب ۽ مستحق فنڪارن جي مالي سهائتا لاءِ قائم مئنيجمينٽ بورڊ ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي.
ثقافت کاتي جي ترجمان موجب، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان چيف سيڪريٽري نوَن ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ثقافت کاتي جي ماتحت انڊومينٽ ۽ وظيفن لاءِ قائم مئنيجمينٽ بورڊ جو 2018ع وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ترجمان موجب، ثقافت ۽ سياحت وارو وزير ذوالفقار علي شاهه مئنيجمينٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو، جڏهنته کاتي جو سيڪريٽري وائس چيئرمين ۽ ڊي جي ڪلچر بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ميمبر هوندو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ سکر آرٽس ڪائونسلز جا صدر، سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، گلوڪارا صنم ماروي، راڳي رجب فقير، اداڪار جاويد شيخ، ايوب کوسو، احسن خان، منيب بٽ، اديب نورالهدى، مهتاب اڪبر راشدي، يوسف بشير قريشي ۽ عرفان سمون ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل آهن. ترجمان موجب، بورڊ غريب ۽ مستحق فنڪارن، اديبن، شاعرن ۽ اداڪارن جي مالي مدد لاءِ ڪم ڪندو، جڏهن ته بورڊ جي سربراهن ۽ ميمبرن جي گڏيل فيصلن سان ضرورتمندن لاءِ مالي امداد جاري ڪئي ويندي.
8
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي وود جي ليجنڊري فلمساز، هدايتڪار مهيش ڀٽ ” ڀوپي“ جي چوڻ تي پرڊيوسر کي انساني گوشت پاڻ ۾ ملائي کارائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.