اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ايشين ڪپ ڪواليفائر جو ميچ 9 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شيڊيولڊ آهي، پر اڃا تائين افغانستان فٽبال ٽيم کي پاڪستان جون ويزائون جاري ٿيڻ وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.
ذريعن موجب، اڄ رڳو 3 رانديگرن ۽ 10 آفيشلز کي پاڪستان جون ويزائون جاري ٿيون آهن ۽ اهي ئي ماڻهو ويزا حاصل ڪري سگهيا جيڪي ڪابل ايمبيسي ۾ بايوميٽرڪ لاءِ پهتا هئا.
افغانستان کان ٻاهر رهندڙ ٽيم جي رانديگرن کي پاڪستان جون ويزائون جاري نه ٿي سگهيون، ڇو ته افغانستان فٽبال فيڊريشن رانديگرن لاءِ به انٽرويو ۽ بايوميٽرڪ جو هنڌ افغانستان لکيو هو.
پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) جي ذريعن موجب، ويزا جو مسئلو افغانستان طرفان دير سان درخواست ڏيڻ ۽ غلط وينيو لکڻ سبب پيدا ٿيو.
افغان فٽبال اختيارين 27 سيپٽمبر تي پاڪستان جي ويزائن لاءِ درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ ويزائن جو ريفرنس نمبر 2 آڪٽوبر تي پاڪستان فٽبال فيڊريشن ڏانهن موڪليو ويو هو.
پاڪستان فٽبال فيڊريشن معاملي تي ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) سان رابطي ۾ آهي، ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايف ايف، اي ايف سي کي دير واري عمل بابت افغانستان جي غلطي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پي ايف ايف جي ذريعن موجب، افغانستان طرفان دير سان ويزا اپلاءِ ڪرڻ اي ايف سي جي مقابلي جي ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، ڇوته اي ايف سي جي ظابطن موجب ٽيم کي ميزبان ملڪ جو ويزا گهٽ ۾ گهٽ 30 ڏينهن اڳ حاصل ڪرڻ لازمي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن اڃا تائين معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ميچ نه ٿي سگهي ته پي ايف ايف افغانستان جي غلطي جي بنياد تي ”واڪ اوور“ جو ڪيس داخل ڪندي.
ذريعن موجب اي ايف سي موجودا صورتحال ۾ يا ته ميچ ري شيڊيول ڪرڻ يا واڪ اوور ڏيڻ ٻنهي آپشنز تي غور ڪري سگهي ٿو.
ٻئي پاسي پاڪستان فٽبال فيڊريشن باقي رانديگرن لاءِ ”ويزا آن ارائيول“ جي ڪليئرنس حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري رهي آهي.
You might also like