وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٻوڏ جي نقصانن ۽ آءِ ايم ايف جائزي سان مشروط هوندي: اسٽيٽ بينڪ گورنر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ گورنر جميل احمد وياج جي شرح ۾ گهٽتائي کي ٻوڏ جي نقصانن ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي سان مشروط ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا سان گفتگو ڪندي اسٽيٽ بينڪ گورنر چيو ته مجموعي طور تي مهانگائي مرڪزي بينڪ جي هدف ۾ رهندي، مهانگائي جي شرح گهٽ مدي ۾ 5 کان 7 سيڪڙو هدف کان وڌيڪ رهي سگهي ٿي.
هن چيو ته سخت مانيٽري پاليسي مهانگائي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهڙي ئي سخت مانيٽري پاليسي اڳتي به فائديمند ثابت ٿيندي پر وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو فيصلو ٻوڏ جي نقصانن جي ڪاٿي ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي تي ٿو ڀاڙي.
سندس چوڻ هو ته مانيٽري ۽ اقتصادي پاليسين ۾ هم آهنگي سٺا نتيجا ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.