ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر احمد شهزاد دعويٰ ڪئي آهي ته سندس خلاف ڪيترن ئي صحافين، ڪرڪيٽرن ۽ پي سي بي جي ماڻهن گڏجي مهم هلائي، جيڪڏهن هو چاهي ها ته ٻين ڪرڪيٽرن وانگر اصولن جي ابتڙ هلي پاڻ کي بچائي سگهيو ٿي پر هن اهڙو قدم نه کنيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي احمد شهزاد چيو ته ”اسان کي سيکاريو ويندو هو ته صحافين سان فاصلو برقرار رکڻو آهي، پر اسان جا ڪجهه سينيئر انهن ئي صحافين جي تنقيد کان بچڻ لاءِ ساڻن لاڳاپا وڌايا، اهي سينيئر صحافين جي ڪلهن تي هٿ رکي بيهندا هئا، کين اندروني ڄاڻ ڏيندا هئا، فون تي ڳالهيون ڪندا هئا، صحافين کي ڪنهن به ميچ لاءِ کيڏندڙ ٽيم جا نالا به ٻڌايا ويندا هئا، ايتري حد تائين جو جڏهن اهي جرنلسٽ ايندا هئا ته رانديگر پاڻ سندن کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندا هئا.“
احمد شهزاد موجب ”جڏهن اسان جهڙا ماڻهو اصولن تي هلندي صحافين سان فاصلو رکندا هئاسين ته چيو ويندو هو ته اسان ۾ وڏائي آهي، اسان کي پيغامن ذريعي ٻڌايو ويندو ته توهان جا سينيئر ته اسان سان اهڙو رويو رکن ٿا، پوءِ توهان ڪير آهيو؟ جنهن تي منهنجو جواب هميشه اهو هوندو هو ته جيڪڏهن منهنجو سينيئر غلط ڪري رهيو آهي ته اهو ضروري ناهي ته مان به غلط ڪريان.“
هن چيو ته ”اسان به ائين ئي ڪري سگهون پيا، پر اسان اصولن تي هلڻ پسند ڪيو، اسان خلاف مخصوص انگ اکر ڪڍي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هو، اسان بابت ڪوڙا الزام لڳايا ويندا هئا.“
احمد شهزاد چيو ته ”ورلڊ ڪپ دوران به منهنجي خلاف ڪوڙي خبر هلائي وئي ته مون وقار يونس کي چماٽ هنئي آهي، هاڻي ٻڌايو ته مون ڪڏهن چماٽ هنئي؟ ان وقت اسان کي سوشل ميڊيا تي پنهنجو دفاع ڪرڻ نه ايندو هو، اسان کان به غلطيون ٿيون، ڇو ته اٺ سال تائين ڳالهين ۽ دٻاءَ هيٺ رهڻ بعد ماڻهو متاثر ضرور ٿيندو آهي.“
الزام لڳو ته مان وقار يونس کي چماٽ هنئي، صحافين، ڪرڪيٽرن ۽ پي سي بي مهم هلائي: احمد شهزاد
You might also like