پاڪستاني اسپنرن جو ڊپ، ڏکڻ آفريڪي بيٽرن جي ٽن مختلف پچن تي پريڪٽس!

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم سڀاڻي پاڪستان دوري تي لاهور پهچندي، نعمان علي ۽ ساجد خان سميت پروٽيز شاهينن جي خطرناڪ اسپن بالنگ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ خاص تياري ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 12 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندي، جنهن لاءِ مهمان ٽيم سڀاڻي لاهور پهچندي.
پاڪستان روانگي کان اڳ ڏکڻ آفريڪا ملڪ ۾ هڪ مختصر ڪئمپ لڳائي، جتي پروٽيز ٽيم ٽي اسپن پچز پريڪٽس ڪندي ساجد ۽ نعمان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسپن بالنگ جي خاص تياري ڪئي.
ياد رهي ته نعمان علي ۽ ساجد خان جي جوڙي انگلينڊ خلاف هوم سيريز جي آخري ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ 40 مان 39 وڪيٽون حاصل ڪري مخالفن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون هيون، جڏهن ته ٻنهي اسپنرن ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ به گڏجي 40 مان 31 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.
ٻنهي کانسواءِ پاڪستاني ٽيم وٽ مسٽري اسپنر ابرار احمد ۽ آصف آفريدي جو آپشن به هوندو ، جڏهن ته سلمان علي آغا ۽ سعود شڪيل جي صورت ۾ ٽيم وٽ پارٽ ٽائيم اسپنرز پڻ موجود آهن.
ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪا به اسپن پچن تي پاڪستان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اسڪواڊ ۾ ٽن اسپنرز کي شامل ڪيو آهي، جيڪي پاڪستاني بيٽرز لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.