ڪراچي (رپورٽر ) انساني حقن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ صحافين مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ جي بانين ۾ شامل ۽ جناح جي اعتماد واري ساٿي، ملڪ جي پهرين قانون ،محنت جي وزير جڳن ناٿ منڊل جي زندگي ۽ جدوجهد سميت عيسائين جي ملڪ لاءِ قربانين بابت نئين نسل کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ نصاب جي تاريخ ۾ هنن بابت سبق شامل ڪيا وڃن، رياست کي جڳن ناٿ سان ڪيل زيادتين ۽ ملڪ ڇڏائڻ واري رويي تي هن کان معافي وٺڻ گهرجي، ملڪ کي رواداريءَ، امن ۽ ڀائپي جي رستي تي هلائڻ لاءِ جناح جي سيڪيولر پاڪستان کي اپنايو وڃي، اها ڳالھ ڪالهه شام جو سيڪيولر پاڪستان طرفان هيومن رائٽس آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي ) جي آفيس ۾ جڳن ناٿ منڊل جي زندگيءَ ۽ جدوجهد تي منعقد ڪيل پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ اقبال بٽ، ڊاڪٽر توصيف احمد، مهنازرحمان ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا،اسحاق سومرو يونس مهر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي ٺهڻ جو بنياد مذهبي نه هو، جماعت اسلامي ،جميت علماءَ هند سميت سمورين مذهبي پارٽيون پاڪستان ٺهڻ جي خلاف هيون، ان وقت ۾ جڳن ناٿ سميت هندو برادري جي سسي شيڊيول ڪاسٽ، عيسائين ۽ احمدين ڀرپور حصو ورتو، پنجاب اسيمبلي جي اڌ کان وڌيڪ ميمبرن پاڪستان جي حق ۾ ووٽ نه ڏنو هو، پر هڪ عيسائي اسپيڪر جي ووٽ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي، پر جناح بعد انهن کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي، هنن چيو ته جناح سيڪيولر هو ان ڪري جڳن ناٿ سميت سڀني هن تي اعتماد ڪيو پر پاڪستان جو الميو اهو آهي ته اهو جمهوري رياست بڻجي نه سگهيو. هنن چيو ته جناح جي 11 آگسٽ جي تقرير پهريون ملڪي آئين هو، جنهن جي بنياد تي جڳن ناٿ منڊل ملڪ جي پهرين قانون جوڙيا، هنن وڌيڪ چيو ته جڳن ناٿ جناح وانگر ڪانگريس کي ڇڏيو هو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي جڳن ناٿ منڊل سميت سمورن غير مسلم شهرين ۽ شخصيتن جي جدوجهد کي ملڪ جي نصاب ۽ تاريخ ۾ شامل ڪيو وڃي.