اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڦڏو ڇا جو آهي،ڪير به نه پيو ٻڌائي،پ پ ۾ به جرئت ناهي ته ٻڌائي،ن ليگ به خاموش آهي،هن چيو ته جهيڙو وڌيو ته ٻنهي پارٽين جو نقصان ٿيندو،مريم نواز معافي کان انڪاري آهي،مريم نواز بلاول جي بي آءِ ايس پي ذريعي ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ عالمي امداد جو مطالبو ڪرڻ جي ڳالهه تي چڙ کاڌي،هن چيو ته اصل ڳالهه ته مريم نواز به نه پئي ٻڌائي،پنجاب ۾ وزات اعظمي لاءِ جهيڙو هلي رهيو آهي،پ پ کي اندر جي ڳالهين جي خبر آهي،هن چيو ته شهبازشريف پ پ جون گهڻيون فرمائشون پوريون نه ڪيون، ڪنهن کي اهم عهدو نه ڏنو ويو،مريم نواز سوشل ميڊيا تي وزيراعظم شهبازشريف تي تنقيد ڪندڙن جي حمايت ڪري رهي آهي،هن چيو ته بلاول ۽ مريم نواز جو جهيڙو وڌيو ته شروع ۾ نقصان شهبازشريف جو ئي ٿيندو، پر اصل ۾ هن جو فائدو ٿيندو،جهيڙو وڌيو ته مستقبل ۾ بلاول ۽ مريم نواز جو وزيراعظم بڻجڻ مشڪل آهي، محسن نقوي سان صدر زرداري رابطو ڪيو آهي،ڪجهه معاملن ۾ پ پ به سمجهداري جو مظاهرو نه ڪيو،ان سڄي معاملي ۾ تحريڪ انصاف کي ڪو به فائدو ناهي ٿيڻو،پي ٽي آءِ جي ڪوشش هوندي ته پ پ ۽ ن ليگ جو جهيڙو وڌي.
You might also like