ن ليگ پ پ ڇڪتاڻ تي صدر کي ڳڻتي، محسن نقوي سان رابطو

ڪراچي (رپورٽر ) ملڪ جي صدر  آصف علي زرداري، صوبائي حڪومتن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ڪراچي طلب ڪري ورتو آهي۔ ذريعن موجب صدر مملڪت ۽ وفاقي گهرو وزير جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا۔ صدر آصف زرداري، وفاقي وزير محسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي ڪراچي پهچي، جيئن صورتحال جو جائزو وٺي تڪرار گهٽائڻ لاءِ مشاورت ڪئي وڃي۔ صدر زرداري زور ڏنو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي معاملن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سمجهوتي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.