”جيئي سنڌ“ نعري جي خالق، هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي 124 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي پاران باباءِ سنڌ، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو 124هون جنم ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ حسيني چوڪ ڪلهوڙا ڪالوني کان باباءِ سنڌ جي مزار تائين هاري مارچ ڪيو ويندو، جنهن جي اڳواڻي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ثمرحيدر جتوئي ڪندو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي  1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ 1946ع ۾ مرڪزي صدر چونڊيو ويو. هن 1950ع ۾ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايو، ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مچ جيل ڪولمپور جيل  لاهور قلعي ۾ قيد بند جون سختيون برداشت ڪيون ۽ جيئي سنڌ نعري کي قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ مان ڪيس وڙهيو. مارچ جي موقعي تي باباءِ سنڌ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته صدر ثمرحيدر جتوئي سنڌ جي موجوده مسئلن تي اهم اعلان ڪندو. تقريب جو مقصد ڪامريڊ جي فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ تحريري ورثي کي زنده رکڻ ۽ نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.