سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني وئي آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني وئي آهي، وارهه ۾ دهشتگردي وارو واقعو ڌاڙيلن جي حڪومتي سرپرستي جو نتيجو آهي. ڪشمور_ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور کانپوءِ هاڻي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي کي به مڪمل طور ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي. دادو، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ به چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي، سموري سنڌ ۾ چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن کي پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.