طب جو نوبيل انعام مدافعتي نظام جي ”سيڪيورٽي گارڊ“ جي نشاندهي ڪندڙ ٽن سائنسدانن جي نانءُ

انساني جسم جي مدافعتي نظام جي سڪيورٽي گارڊ جي نشاندهي ڪندڙ ٽن سائنسدانن کي طب (فيزيولاجي) جو نوبيل انعام ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپور موجب، نوبيل ايوارڊز جي جيوري چيو آهي ته انهن سائنسدانن مدافعتي نظام جي سڪيورٽي گارڊ جي نشاندهي ۽ ان جي نگراني بابت اهم تحقيق ڪئي آهي.
انهن ٽنهي سائنسدانن ۾ ٻه آمريڪي، ميري برنڪو ۽ فريڊ رمزڊيل، ۽ هڪ جپاني پروفيسر شيمون ساڪاگوچي شامل آهن.
نوبيل ڪميٽي موجب، انهن سائنسدانن ”ريگيوليٽري ٽي سيلز“ دريافت ڪيا، جيڪي مدافعتي نظام جي ”سڪيورٽي گارڊز“ جيان ڪم ڪن ٿا ۽ جسم جي پنهنجي خلين تي حملو ڪرڻ کان روڪين ٿا.
ٽنهي سائنسدانن کي نوبيل انعام طور هڪ ڊپلوما، سونو ٻِلو ۽ اٽڪل 11 ملين سوئيڊش ڪرائون (1.12 ڪروڙ آمريڪي ڊالر) ڏنا ويندا.
ٽنهي سائنسدانن جي ريسرچ تحقيقي ميدان ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي آٽو اميون بيمارين جو علاج، ڪينسر لاءِ اثرائتو علاج، ۽ اسٽيم سيل ٽرانسپلانٽ کانپوءِ وارين پيچيدگين کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
اوساڪا يونيورسٽي جي پروفيسر شيمون ساڪاگوچي موجب، هو پراميد آهي ته هي ايوارڊ ” ان ميدان ۾ وڌيڪ اڳڀرائيءَ جو سبب بڻجندو ۽ هن تحقيق کي عملي طور طبي مقصدن لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي، ان بابت رستو روشن ڪندو.“
ٻئي پاسي نوبيل ڪميٽي جو ٻين ٻن آمريڪي سائنسدان سان رابطو ناهي ٿي سگهيو جو کين سڌي ريت انعام بابت آگاهه ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.