پيرس (ويب ڊيسڪ) سومر ڏينهن فرانس جي نئين وزيراعظم سيباستيان لڪورنو ۽ سندس ڪابينا حلف کڻڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن سان سياسي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان اوچتي ۽ غير امڪاني فيصلي کانپوءِ يورپي منڊين ۾ ناڪاري رجحان ڏٺو ويو، فرانسيسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ يورو جي قدر ۾ وڏي لاٿ آئي.
لڪورنو استعيفيٰ کان اڳ چيو ته کيس اتحادين ۽ مخالفن ٻنهي طرفان حڪومت ڪيرائڻ جون ڌمڪيون مليون، جنهن سبب هو پنهنجا فرض انجام نٿو ڏئي سگهي.
اپوزيشن جماعتن صدر ايمانوئل ميڪرون کان مطالبو ڪيو ته هو استعيفيٰ ڏئي يا فوري طور نيون پارلياماني چونڊون ڪرائي، بحران مان نڪرڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.
سيباستيان لڪورنو گذريل ٻن سالن ۾ ميڪرون جو پنجون وزيراعظم هو، جيڪو رڳو 27 ڏينهن عهدي تي رهيو.
سندس حڪومت رڳو 14 ڪلاڪ قائم رهي، جيڪا جديد فرانسيسي تاريخ جي سڀ کان گهٽ مدي واري حڪومت قرار ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته فرانس ۾ سياسي عدم استحڪام 2022 ۾ ميڪرون جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ وڌندو پيو وڃي، ڇو ته پارليامينٽ ۾ ڪنهن به جماعت کي واضح اڪثريت حاصل ناهي.
گذريل سال صدر ميڪرون طرفان وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو، هاڻ ميڪرون وٽ 3 رستا آهن، هو نيون چونڊون ڪرائي، استعيفيٰ ڏئي يا وري ٻيو وزيراعظم مقرر ڪري.
ميڪرون جو صدارتي مدو 2027 تائين آهي ۽ هو ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آهي ته استعيفيٰ يا نين چونڊن جي حق ۾ ناهي.
You might also like