عالمي ڪپ فاتح ٽيم جو رڪن اڳوڻو ويسٽ انڊين آل رائونڊر لاڏاڻو ڪري ويو

ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ويسٽ انڊين آل رائونڊر برنارڊ جولين 75 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب برنارڊ جولين جي موت جا ڪارڻ اڃا تائين ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
برنارڊ جولين ورلڊ ڪپ 1975ع جي فاتح ويسٽ انڊيز ٽيم جو رڪن هو ۽ هنن 24 ٽيسٽ ۽ 12 ون ڊي ميچن ۾ ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪئي.
رپورٽ موجب، 1982 ۾ باغي ٽيم جو حصو بڻجڻ تي برنارڊ جولين تي ويسٽ انڊيز ۾ تاحيات پابندي مڙهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.