لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف شيڊيول ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ کي مختصر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب فاسٽ بالر عامر جمال ۽ اسپنر فيصل اڪرم کي اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن جو انگ 18 مان گهٽائي 16 ڪيو ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2025-27 تحت ڏکڻ آفريڪا خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ ۽ ٻي ٽيسٽ 20 کان 24 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
You might also like