سعودي عرب ۾ 46 ڪروڙ سال پراڻو قدرتي شاهڪار ”ڪنوار جبل“

سعودي عرب جي اتر اولهه علائقي العُلا ڀرسان تيما جي بيابان ۾ هڪ ناياب قدرتي جبل، جنهن کي مقامي طور (Bride Rock) ڪنوار جبل چيو ويندو آهي، پنهنجي انوکي بيهڪ ۽ دلڪش قدرتي حسن سبب سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
العلا جي رائل ڪميشن موجب اهو جبل 460 ملين سال (46 ڪروڙ سال) پراڻو آهي، ان جا تَهه ان دور ۾ سمنڊ هيٺان پٿرن سان جڙيل هئا، جڏهن ته اهو علائقو براعظم گونڊوانا جي ڪناري تي هو، پوءِ ارضياتي پليٽن جي چرپر ان کي موجوده هنڌ تي آڻي ڇڏيو.
اهو جبل انساني شڪل جيان نظر اچي ٿو ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ هڪ ڪنوار صحرائي منظر ۾ پنهنجو لباس پڪڙي بيٺل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.