لاهور( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ’موڪلاڻي دي لاسٽ مُهاڻاز‘ بين الاقوامي سطح تي هڪ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي جيڪسن وائلڊ ميڊيا ايوارڊ 2025ع کٽي ورتو.
هيءَ فلم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي بحران جي پس منظر ۾ منڇر ڍنڍ جي مقامي ”مُهاڻا“ برادري جي جدوجهد جي ڪهاڻي تي آڌاريل آهي.
فلم جي هدايتڪار جواد جواد شريف پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جذباتي پيغام ۾ چيو ته”تاريخ رقم ٿي وئي، اسان جي فلم ’موڪلاڻي‘ پهرين پاڪستاني فيچر فلم آهي جنهن جيڪسن وائلڊ ميڊيا ايوارڊ 2025ع پنهنجي نالي ڪيو آهي.‘‘ هن ٻڌايو ته ” فلمي دنيا ۾ هن ايوارڊ کي آسڪر ايوارڊ جيتري اهميت حاصل آهي.“
هي ايوارڊ فلم کي 500 کان وڌيڪ بين الاقوامي فلمن مان چونڊ ڪري ڏنو ويو، جيڪو ان جي معياري تخليق ۽ پاڪستان جي ماحولياتي مسئلن بابت اثرائتي بيانئي جي عڪاسي ڪري ٿو.
فلم ’موڪلاڻي‘ جو پهريون ٽيزر 4 آڪٽوبر 2025ع تي جاري ڪيو ويو هو، جنهن کي قومي ۽ عالمي سطح تي ساراهيو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جيڪسن وائلڊ ميڊيا ايوارڊز کي فلمي دنيا ۾ آسڪر ايوارڊز جيتري اهميت حاصل آهي، اِهو ايوارڊ پاڪستاني سئنما لاءِ تاريخي لمحو آهي.