اسلام آباد(ڪامران يوسف)معاشي ماهر راڻا شهباز چيو آهي ته وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون، جيڪي ڏهاڪن کان هتي ڪم ڪري رهيون هيون،هاڻي پاڪستان ڇڏي رهيون آهن،هن چيو ته دنيا ۾ حڪومتون مقامي صنعت کي تحفظ ڏين ٿيون، پر پاڪستان ۾ الٽو ٿي رهيو آهي۔هن سال جون ۾ حڪومت تجارتي پاليسي ۾ امپورٽ ڊيوٽيون گهٽائي ڇڏيون، جنهن سان مقامي صنعت وڌيڪ خطري ۾ اچي وئي،هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو ٽن مهينن ۾ پاڪستان جو تجارتي خسارو هڪ ٽئين حصي تائين وڌي ويو آهي،هن چيو ته هي ڪو اوچتو ٿيندڙ عمل ناهي، بلڪه 25 سالن کان پاڪستان جي صنعت زوال جو شڪار آهي۔ 2005 ۾ چين سان فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي صحيحون ٿيون، ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ان جو ٻيو مرحلو به منظور ڪيو۔ان سان چيني صنعت کي فائدو مليو، پر پاڪستاني صنعتن کي وڏو نقصان ٿيو۔هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪسن جي شرح ايتري وڌي وئي آهي جو منافعو ڪمائڻ مشڪل ٿي ويو آهي۔اهڙي پاليسي سان روزگار ختم، غربت وڌي رهي آهي۔