ڀارتي فوج وائڙائپ جو شڪار، ٿرپارڪر ڀرسان سرحدي ڳوٺ ۾ فائرنگ ڪري 8 ٻڪريون ماري ڇڏيون، 54 زخمي

ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي ۽ ٿرپارڪر جي سرحدي ڳوٺ ۾ بي زبان جانورن کي نشانو بڻائي ڇڏيو.
ٿرپارڪر ويجهو سرحدي ڳوٺ سانوراڻي ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪري 8 ٻڪريون ماري ڇڏيون ۽ 54 ٻڪرين جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون.
وڏي وزير مراد علي شاهه ڀارتي فورسز پاران ٻڪرين تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو درندگي جو وڏو مثال آهي. اهو عمل عالمي قانون جي به ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.