ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلاول ڀٽو اهڙو ماحول پيدا ڪيو، جنهن سبب حڪومت ٺهي، بلاول ماضي جا اختلاف وساري شهباز حڪومت ۾ پرڏيهي وزير بڻيو، بلاول شهيد ڀٽو جو ڏوهٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو جڏهن ٻوڏ آئي ته بلاول اهو نه چيو وزيراعظم اسان جي صوبي ۾ نٿو اچي، اهي پ پ سان بغض ۾ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، پنجاب حڪومت تنقيد کان ٻاهر نڪري ماڻهن جي مدد ڪري.
هن چيو ته پنجاب حڪومت سان مناظري لاءِ تيار آهيون، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ سياسي پارو گهٽجي، اسان رڳو سنڌ نه سڄي ملڪ جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون، مريم نواز پنهنجي بيان سان ظاهر ڪيو ته هوءَ رڳو پنجاب جو ڪيس وڙهي رهي آهي.
You might also like