ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پ پ وفاقي حڪومت کي سپورٽ نه ڪري، پنجاب حڪومت تنقيد پ پ تي ڪري رهي آهي پر اصل هدف وفاقي حڪومت آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته وزيراعليٰ جا اسڪرپٽ رائيٽر کيس غلط رستي تي وٺي پيا وڃن، نفرت بدران متحد ٿي چيلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڏکڻ پنجاب جا ماڻهو مدد لاءِ دانهي رهيا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي تڪڙو رليف ڏنو وڃي، عالمي برادري کي اپيل ڪئي وڃي.
هن چيو ته عملي طور ڪم گهٽ ۽ ٽڪ ٽاڪ تي وڌيڪ ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته توهان جي آڱر ڀڃي ڇڏينداسين، ڊڄڻ وارا ناهيون، پ پ جي ليڊرشپ ڪڏهن معاهدو ڪري ڀَڳي ناهي، ڪو به آئين کي مڃيندڙ منهنجو پاڻي منهنجي مرضي جهڙيون ڳالهيون نٿو ڪري سگهي، مان به چئي سگهان ٿو منهنجا وسيلا منهنجي مرضي پر نه چوندس، منهنجي بجلي، منهنجي گيس، منهنجو ڪوئلو منهنجي مرضي چئي سگهان ٿو پر نه چوندس، چڙ ڏياريندڙ بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اسان توهان سان جهيڙو نٿا چاهيون، زبردستي اسان کي ميدان ۾ نه لاهيو، پنجاب حڪومت سان ڪو جهيڙو ناهي، پنهنجا جا ماڻهو اسان جا پنهنجا آهن، جيڪڏهن پنجاب جو عوام پريشان ٿيندو ته اسان آواز اٿارينداسين، پنجاب جي عوام جي مدد لاءِ وفاق کي 10 ڀيرا اپيل ڪرڻي پئي ته ڪنداسين.
مان به چئي سگهان ٿو منهنجا وسيلا منهنجي مرضي پر چڙ ڏياريندڙ بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ
You might also like