ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ريا چڪرورتي کي 5 سال کانپوءِ پاسپورٽ واپس ملي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 30 سيپٽمبر تي ممبئي هاءِ ڪورٽ طرفان سشانت سنگهه راجپوت ڪيس جي سلسلي ۾ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو کي ريا چڪرورتي جي ضمانت ۾ مستقل نرم ورتاءَ جي هدايت سان گڏ سندس پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت اداڪارا طرفان ضمانت سان لاڳاپيل هڙئي شرط پورا ڪرڻ ۽ ڪارروائي ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ کانپوءِ پاسپورٽ واپسي جو فيصلو جاري ڪيو، پاسپورٽ واپسي کانپوءِ هاڻي اداڪارا کي ملڪ کان ٻاهر سفر لاءِ اڳواٽ اجازت گهربل نه هوندي.
اداڪارا پاسپورٽ جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي هڪ جذباتي پيغام پڻ شيئر ڪيو.
اداڪارا لکيو ته ”گذريل 5 سالن کان صبر ئي منهنجو واحد پاسپورٽ هو، مسلسل ويڙهاند ۽ نه ختم ٿيندڙ اميد پنهنجو پاسپورٽ ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي.“
واضح رهي ته 14 جون 2020 ۾ 34 ورهين جو اداڪار سشانت سنگهه راجپوت ممبئي ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ هٿ آيو هو، اداڪار جي موت بعد ريا چڪرورتي کي منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
ان کانپوءِ اداڪارا جو پاسپورٽ اين سي بي وٽ جمع ڪرائڻ جي شرط تي ضمانت منظور ڪئي وئي هئي.
تڏهن کان ريا چڪرورتي کي ملڪ کان ٻاهر سفر لاءِ ٽرائل ڪورٽ کان اجازت وٺڻي پوندي هئي، پر هاڻي ممبئي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد ريا کي سندس پاسپورٽ واپس ملي ويو آهي.
عدالتي فيصلي موجب، هاڻ به هر سفر کان اڳ ۽ پوءِ اداڪارا کي لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي سفر جا تفصيل ۽ رابطا شيئر ڪرڻا پوندا.
You might also like