پاڪستان آمريڪا کي عربي سمنڊ جي ڪناري تي نئون پورٽ ٺاهڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
برطانوي مالياتي رسالي فنانشل ٽائمز جي رپورٽ موجب فوجي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي صلاحڪارن آمريڪي اختيارين کي تجويز ڏني آهي ته آمريڪي سيڙپڪار بلوچستان جي سامونڊي شهر پسني ۾ ٽرمينل تعمير ۽ آپريٽ ڪن ته جيئن پاڪستان جي اهم معدنيات تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي.
ميڊيا رپورٽ موجب اها آڇ اهڙي وقت سامهون آئي، جڏهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل گذريل مهيني وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان مليا.
ان ملاقات ۾ وزيراعظم آمريڪي ڪمپنين کي زراعت، ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ مائننگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منصوبو آمريڪي فوجي اڏن لاءِ نه پر رڳو واپاري مقصدن لاءِ آهي، ان جو مقصد ترقياتي سيڙپڪاري ذريعي پسني پورٽ کي معدني وسيلن سان مالامال اولهه صوبن سان ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي جوڙڻ آهي.
پر ان خبر جي آزاداڻي طور تصديق ناهي ٿي سگهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي، وائيٽ هائوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت اڃا تائين ان تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو.
Prev Post
You might also like