”ثانيا جي پٽيل شعيب کي ثنا به ڇڏي وئي؟ “

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ اداڪارا ثنا جاويد جي شادي کي گهڻو وقت نه گذريو آهي، پر ٻنهي جي وچ ۾ طلاق جون افواهه گردش ڪرڻ لڳا آهن.
اهڙي قسم جي افواهن ٻنهي جي سوشل ميڊيا پوسٽن سبب زور پڪڙيو، جتي شعيب ۽ ثنا ڌار ڌار نظر اچي رهيا هئا ۽ مداحن جو خيال هو ته ٻنهي وچ ۾ اڳي جيڪا ڪيمسٽري هوندي هئي هاڻي نظر نه پئي اچي.
جوڙي جي تصويرن ۽ ويڇن سبب سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو، سڀني سندن عليحدگيءَ جون اڳڪٿيون شروع ڪري ڇڏيون.
پر هاڻ شعيب ملڪ پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ تصويري پوسٽ شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ٻي زال ثناءَ جاويد سان ڪيليفورنيا ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي.
ان پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هڪ واهپيدار لکيو ته ” شعيب ملڪ! تون ثانيا جو پٽيل آهين، توکي ثناءَ به ڇڏي وئي.“
واضح رهي ته تصويرن سان گڏ شعيب ملڪ ڪيپشن ۾ لکيو هو ته ” هن سان ڏينهن گذارڻ سدائين سٺو لڳندو آهي.“ جنهن کانپوءِ ٻنهي عليحدگي واريون خبرون ختم ٿي ويون آهن.
مداحن جوڙي جي تصويرن کي پسند ڪيو ۽ ٻنهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جنوري 2024 ۾ شادي ڪئي هئي، شعيب ملڪ ان کان اڳ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي جيڪو هن وقت پنهنجي ماءُ سان رهي ٿو.
اداڪارا ثنا جاويد جي به 2020 ۾ گلوڪار عمير جسوال سان شادي ٿي هئي، پر ڪجهه وقت بعد ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.