ٽين ٽي ٽوئنٽي: مارش ڪيويز تي ڪڙڪي پيو، ڪينگروز ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي

مائونٽ مئنگنوئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش نيوزيلينڊ خلاف شاندار سينچري ٺاهي پنهنجي ٽيم کي سيريز ۾ فتح ڏياري ڇڏي.
مائونٽ مئنگنوئي ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان ميزبان نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نيوزيلينڊ پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهيون. ٽِم سائفرٽ 48، ڪپتان مائيڪل بريسويل 26 ۽ جيمي نيشم 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
آسٽريليا طرفان شان ايبٽ 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته جوش هيزل ووڊ ۽ زيويئر بارٽليٽ ٻه، ٻه ۽ ايڊم زمپا ۽ مارڪس اسٽوئنس هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
156 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي آسٽريلوي ٽيم هڪ پاسي کان وڪيٽون وڃائيندي رهي، پر ڪپتان مچل مارش شروعات کان جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ جاري رکي.
هن 52 بالن تي 7 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 103 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي. مچل اون 14 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته شان ايبٽ 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
آسٽريليا گهربل هدف 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، نيوزيلينڊ جي جيمي نيشم 4، جيڪب ڊفي 2 ۽ بين سيئرز هڪ وڪيٽ ورتي.
مچل مارش کي شاندار ڪارڪردگي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ٽين ميچ ۾ ڪاميابي سان گڏ آسٽريليا سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، جڏهن ته سيريز جي ٻي ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.