شڪارپور ۾ تيز رفتار ٽرڪ روڊ ڪناري ستل مزدورن تي چڙهي وئي، 7 ڄڻا فوت

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ قومي شاهراهه باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرڪ روڊ ڪناري تي ستل مزدورن تي چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب افسوسناڪ حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن سبزي سان ڀريل ٽرڪ اوچتو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي، ٽرڪ روڊ ڪناري ستل مزدورن کي چيڀاٽي ڇڏيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس پهچي وئي ۽ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ٽرڪ تحويل ۾ ورتي وئي آهي ۽ ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.