اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڳالهين واري عمل جي ڪاميابي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سازشون ۽ افواهه نيٺ ختم ٿي ويا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته امن جو قيام ۽ حالتن جو معمول تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي.
شهباز شريف چيو ته سازشون ۽ افواهه آخرڪار ختم ٿي ويا، سڀ معاملا خير خوبيءَ سان حل ٿي ويا، حڪومت ڪشميري ڀائرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
وزيراعظم چيو ته عوامي مفاد ۽ امن ترجيح آهي، آزاد ڪشمير جي خدمت جاري رهندي، ڪشميري ڀائرن کان گذارش آهي ته افواهن تي ڌيان نه ڏين، پهريان به ڪشميري ڀائرن جي حقن جا محافظ آهيون ۽ رهنداسين.
ياد رهي ته آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج تي وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سان ڪيترائي سيشن ڪيا ۽ نيٺ رات دير سان ڌرين وچ ۾ لکت ۾ معاهدو طئي ٿيو.
وفاقي وزير احسن اقبال عوامي ايڪشن ڪميٽي سان طئي ٿيل ڳالهين کي آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ جمهوريت جي فتح قرار ڏنو، جڏهن ته عوامي ايڪشن ڪميٽي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ا ٿورا مڃيندي چيو ته اِهو اسان جو اندروني معاملو آهي جنهن کي اسان بهترين طريقي سان حل ڪيو، ڪنهن ٻئي ملڪ کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين.
سازشون ۽ افواهه ختم ٿي ويا، ڪشميري ڀائرن جي حقن جا محافظ آهيون ۽ رهنداسين: شهباز شريف
You might also like