لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ وائيٽ ۽ ريڊ بال سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ راڊني ٽڪر ۽ ڪرسٽوفر برائون آن فيلڊ امپائر هوندا.
ٻي ٽيسٽ 20 کان 24 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ڪرڪٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، جتي فيلڊ امپائر ڪرسٽوفر برائون ۽ سائقَت شرف الدولا مقرر ڪيا ويا آهن.
پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ محمد آصف يعقوب ۽ راشد رياض آن فيلڊ امپائر طور ذميواري نڀائيندا.
ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ به محمد آصف يعقوب ۽ راشد رياض امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندا، جڏهن ته ٽِين ۽ آخري ميچ ۾ راشد رياض ۽ فيصل خان آفريدي آن فيلڊ امپائر هوندا.
پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ سائقَت شرف الدولا ۽ آصف يعقوب امپائرنگ ڪندا، جڏهن ته ٻي ون ڊي ۾ اليڪس وارف ۽ احسن رضا آن فيلڊ امپائر هوندا.
ٽِين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ سائقت شرف الدولا ۽ فيصل خان آفريدي امپائر طور خدمتون انجام ڏيندا.
ون ڊي سيريز جون ٽيئي ميچون اقبال اسٽيڊيم، فيصل آباد ۾ کيڏيون وينديون.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ سيريز لاءِ سريلنڪا جي رنجن مدوگالي کي ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي.
پاڪ-ڏکڻ آفريڪا خلاف ريڊ ۽ وائيٽ بال سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان، ريفري ڪير هوندو؟
You might also like